سنڌ صدين کان1

سنڌ صدين کان1 (ڪتاب): هن ڪتاب جو مرتب نارائڻ ڀارتي آهي. سال 1975ع ۾ حڪومت سنڌ هڪ بين الاقوامي سيمينار ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪيو هو، جنهن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن سنڌ بابت مقالا ۽ مضمون پيش ڪيا. سيمينار جو عنوان ’سنڌ صدين کان‘ رکيو ويو. ان موقعي تي ’هلال پاڪستاناخبار (ڪراچي) جي ايڊيٽر سراج الحق ميمڻ، اخبار جو خاص ايڊيشن ڪڍيو هو، جنهن مان مختلف محققن جا ڏهه عدد مضمون ترتيب ڏئي نارائڻ ڀارتيءَ ’سنڌ صدين‘ کان ڪتاب تيار ڪيو. ڪرائون سائيز جو هي ڪتاب 120 صفحن تي مشتمل آهي. سنڌي ٽائيمس الهاس نگر هي ڪتاب آگسٽ 1975ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو